وَمِنَ الَّذِينَ قَالُوا إِنَّا نَصَارَىٰ أَخَذْنَا مِيثَاقَهُمْ فَنَسُوا حَظًّا مِمَّا ذُكِّرُوا بِهِ فَأَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ ۚ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللَّهُ بِمَا كَانُوا يَصْنَعُونَ
امروٽي
۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کان (به) سندن انجام ورتوسون ۽ جيڪا نصيحت ڪئي ويئي تنھن مان ڀاڱو وساريائون، انھيءَ ڪري سندن وچ ۾ ساڙ ۽ دُشمني قيامت جي ڏينھن تائين وڌي سون، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي الله کين سگھو سُڌ ڏيندو.